طغرل بيگ جو مقبرو

طغرل بيگ جو مقبرو

طغرل بيگ جو مقبرو

طغرل بيگ جو مقبرو: هي مقبرو، جاني بيگ جي مقبري جي لڳ، مڪلي، ضلعي ٺٽي ۾آهي مقبرو هڪ ڇٽي آهي.جيڪا ٿلھي تي ٺھيل آھي.ڇٽيءَ جي ماپ 27 فوٽ آھي، ان تي چڙھڻ لاءِ چار ڏاڪا ٺھيل آھن. سا زميني سطح کان 4 فوٽ اوچي ٿلھي تي ٺھيل آھي. اولھندي پاسي پراڻي مسجد جي ڀت جا آثار آھن. ڇٽيءَ جي ماپ سوا سورنھن فوٽ آھي، رٿ ۾ چوڪور اٿس. ڪل ٻارنھن پيل پاون تي بيٺل آھي. پيل پاون تي گلن جي پتن ۽ وڻن، ٻوٽن جي اندرئين توڙي ٻاهريئن پاسي اڪير ٿيل آھي. مٿان گنبذ اڏيل اٿس جو گولائيءَ ۾ آھي. ڇٽيءَ ۾ صرف ھڪ قبر اڏيل آھي، جنھن جي ڪتبي تي 1059هه/1649ع جو سن لکيل آھي. هي ترخان دور جي ٺهيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو